اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ون واٽر سمٽ“ ۾ شرڪت جي لاءِ 3 ۽ 4 ڊسمبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي عرب، فرانس، قازقستان ۽ عالمي بئنڪ جي حصيداري سان منعقد سمٽ جو مقصد عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ اعليٰ سطحي سياسي واعدن جي ذريعي پاڻي ??سي??ن جي انتظام جي لاءِ ٺوس عالمي موقف کي فروغ ڏيڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندو جنهن ۾ تازي پاڻي جي ??سي??ن ۽ آبي زمينن جي ڏس ۾ بحالي، تحفظ ۽ موافقت تي ڌيان ??نو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران پاڻي جي تحفظ کي فروغ ڏيڻ، آبهوا ۾ تبديلي جي اثرن کي برداشت ڪرڻ، پاڻي جي معيار کي بهتر بڻائن، روزگار جا ذريعا وڌائڻ ۽ حياتياتي جيوت جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وجهندو. وزيراعظم موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏن، غيرمعمولي ۽ ان??هائي موسمي حالتن ۽ پاڻي ??سي??ن ۽ ماحولياتي نظام تي گرمي جي دٻاءُ جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون جي اهميت سان ??ڏوگڏ پاڻي ??سي??ن جي پائيدار ان??ظام جي لاءِ بامعنيٰ عالمي تعاون تي پڻ زور ڏيندو. سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون ۽ مصروفيتون متوقع آهن.