راولپنڊي-29 نومبر (اي پي پي) آرم?? چيف جنرل سيد عاصم منير نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي جو دؤرو ڪيو. آرم?? چيف پاڪ فوج ۽ چين جي پيپلز لب??يش?? آرمي وچ ۾ ٿيل گڏيل مشق واريئر-8 جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرم?? چيف کي مشق جي دائره ڪار ۽ ان جي تفصيلن تي بريفنگ ڏني وئي. آرم?? چيف مشق ۾ شريڪ جوا??ن سان ڳالهايو ۽ پيشيورا??ي مهارت ۽ بلند حوصلي جي تعريف ڪئي جيڪي گڏيل مشق دوران ڏيکاريون پئي ويون. پاڪ- چين گڏيل مشق واريئر-8 جي شروعات 19 نومبر 2024ع کان ٿي آهي. دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ 3 هفتا ڊگهي اها مشق، سالياني بنيادن تي ٿيل سلسلي جي اٺين مشق آهي. اين سي ٽي سي پبي پهچڻ تي آرم?? چيف جو استقبال ڪور ڪ??انڊر راولپنڊي ڪيو.