لاهور-12 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گلبرگ ۾ مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سا?? سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير شافع حسين به موجود هو. چوڌري شجاعت حسين ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن سا?? يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. محسن نقوي ۽ شجاعت حسين شهيدن جي پونئيرن سا?? دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. چوڌري شجاعت حسين وفاقي حڪومت کي تعمير ??ين??ڙ نَون روڊن کي شهيدن جي نالن سا?? منسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وفاقي وزير، چوڌري شجاعت حسين جي مطالبي سا?? اتفاق ڪندي اسلام آباد ۾ تعمير ??ين??ڙ نَون روڊن جا نالا شهيدن سا?? منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ٻين صوبن جي وڏن وزيرن سا?? ان تي عملدرآمد لاءِ ڳالهائيندس. چوڌري شجاعت حسين چيو ته اهو ڪم وطن جي شهيدن ۽ـ انهن جي پونئيرن سا?? حڪومت جي يڪجهتيءَ جي اظهار جي حوالي سا?? هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين شهادت ماڻي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان شهيدن جي عظيم قربانين جو قرض ادا نٿو ڪري سگهي. شهيدن پنهنجي رت سا?? امن قائم ڪيو آهي، اسان شهيدن جي پونيئرن سا?? گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين. هن واضح ڪيو ته ڌماڪا بهادر پاڪستاني قوم جو مقدر ناهن، قوم جي حمايت سا?? ان ناسور کي ختم ڪنداسين. چوڌري شجاعت آسٽريليا خلاف 22 سا??ن کانپوءِ ون ڊي سيريز کٽڻ تي محسن نقوي ک?? مبارڪون ڏيندي چيو ته توهان جي محنت ۽ رانديگرن جي ڪارڪردگي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.