راولپنڊي-30 آڪٽوبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير ڪرنل جنرل اليگيزنڊر وي فومين نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آ??اد جو دؤرو ڪيو ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي پيشوراڻن معاملن، علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ??ي صورتحال ۽ ٻه طرفي بحري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب نيول چيف ??و چوڻ هو ته پاڪستان رشين فيڊريشن سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداريءَ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ ٻ??هي بحري فوجن وچ ۾ ٻه طرفي تربيت، بحري جنگي جهازن جي دؤرن ۽ ٻه طرفي بحري مشقن جو بندوبست ڪرڻ سميت مختلف پهلوئن تي پڻ غور ڪيو ويو. ٻ??هي اڳواڻن ميري ٽائم ??يڪيورٽي ۽ بحري ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير خطي ۾ ميري ٽائم ??يڪيورٽي ۾ پاڪ بحريه جي مستقل ڪوششن ۽ بلند عزم جو اعتراف ڪيو.