اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين جي اچڻ جا 77 سال پُورا ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان پنهنجي پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل ق??من ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکيا آهن جن ۾ غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري صورتحال کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ترجمان گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي لا??اپيل قراردادن تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڪشميري سياسي قيدين ۽ ڪارڪنن جي آزادي سميت انساني حقن جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪارروائي تي زور ڏنو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.