اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 30 کا?? 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، وزيراعظم/ پرڏيهي معاملن واري وزير محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون ۽ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولينديون. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جي ??ائداڻي سطح جا وفد وزيراعظم سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي ??اءِ ملاقات ڪندا. وزيراعظم 31 آڪٽوبر تي ثقافت?? نمائش ”منظر: آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر پاڪستان 1940ع کا?? هيستائين“ جو افتتاح پڻ ڪندو. اها نمائش پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ۽ ت??مي??ي ورثي جي ??مائش ڪندي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي ??چ ۾ عوام سان عوام جي گهري ر??بط?? کي اجاگر ڪندي.