اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي دنيا جي ٻين ملڪن جي سهڪار سان پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، اسان پاڪستان حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا ته لاڳاپيل تنظيمون، اعليٰ ترين ??ال??ي معيارن تي عمل پيرا ٿيندي جٽادار اقتصادي ترقي ڏانهن پاڪستان جي سفر کي تيز ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق معيارن جي ??ال??ي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ و??ير??عظم شهباز شريف چيو ته اڄ پاڪستان ۾ به سڄي دنيا سميت معيارن جو ??ال??ي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏجي پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ڪم ڪري رهي آهي، ته جيئن مقامي صنعت ۾ چٽاڀيٽي کي هٿي ملي سگهي. و??ير??عظم چيو ته انٽر نيشنل آرگنائيزيشن فار اسٽينڊرڊائيزيشن (آءِ ايس او) طرفان هن سال جو موضوع ”هڪ بهتر دنيا لاءِ گڏيل نقطه نظر“ مينيوفيڪچرنگ ۽ سروسز ٻنهي شعبن جي ڪاميابين کي اڳيان وڌائڻ ۾ اعتماد جي ضروري ڪردار جي نشاندهي ڪري ٿي. هي موضوع اسان کي ??ال??ي مارڪيٽ ۾ پنهنجي مصنوعات جي چٽاڀيٽي جو جائزو وٺڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. هن چيو ته عوامي تحفظ، صحت ۽ ماحوليات جي حوالي سان اسان جي وابستگي مطابق مون کي اهو ٻڌائيندي فخر ٿي رهيو آهي ته پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي پاڪستاني شهرين جي زندگ?? جي تحفظ لاءِ آٽوموٽو گاڏين لاءِ سخت حفاظتي معيار مقرر ڪيا آهن. و??ير??عظم چيو ته هتي اهو امر ذڪر جوڳو آهي ته پي ايس ڪيو سي اي کاڌ?? جي مصنوعات ۾ صنعتي طور تيار ڪيل ٽرانس فيٽي ايسڊز (آءِ ٽي ايف اي) تي 2 سيڪڙو جي حد مقرر ڪئي آهي، جيڪو پاڪستان ۾ دل جو مرض گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته جامع ۽ اثرائتن معيارن ذريعي اهي ڪوششون ماڻهن جي فلاح ۽ ڀلائ?? جي ترجيح لاءِ اسان جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان جي ايڪسپورٽ ۾ اضافي جو سڌي ريت تعلق اسان جي شين ۽ خدمتن جي ??ال??ي معيارن تي پورو لهڻ آهي. و??ير??عظم چيو ته انهن معيارن جي پاسداري پاڪستاني مصنوعات تي ??ال??ي صارفين جي اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. سڄي دنيا ۾ اسان کي ڪاروبار لاءِ وسيع موقعا فراهم ڪري ٿي ۽ جٽادار اقتصادي ترقي کي وڌيڪ متحرڪ ڪري ٿو. و??ير??عظم چيو ته انهن معيارن کي اپنائڻ سان مقابلي جو فائدو آهي جنهن سان ڪاروباري ادارن کي بهتر تنظيمي ۽ مينيوفيڪچرنگ جي عمل ذريعي صارفين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لائق بڻائي سگهجي ٿو، مون کي يقين آهي ته هن سال ??ال??ي معيارن جي ڏينهن جون تقريبون، معيار جي اهميت بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. هن چيو ته چٽاڀيٽي چيئلينجز جي هن دور ۾ حڪومتن، صنعتن ۽ ڪاروباري برادرين لاءِ سڄي دنيا ۾ صارفين جي اطمينان کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهڙي طرح جي آگاهي تمام ضروري آهي. و??ير??عظم چيوته مان پاڪستان حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيان ٿو ته لاڳاپيل تنظيمون اعليٰ ترين ??ال??ي معيارن تي عمل پيرا ٿيندي جٽادار اقتصادي ترقي ڏانهن پاڪستان جي سفر کي تيز ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون.