نيويارڪ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، چين، ايران ۽ روس افغانس??ان جي سرزمين ??ان پيدا ٿيل سيڪيورٽي چئلينجز خاص ڪري دهشتگردي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي افغان عبوري حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سمورن دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري، افغان سرزمين کي پنهنجي پاڙيسرين، خطي ۽ ان کان ٻاهر استعمال ٿيڻ کان روڪي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، چين، ايران ۽ روس جي گروپ جو ٽيون وزارتي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف پاڪس??ان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس ۾ افغانس??ان جي صورتحال ۽ افغانس??ان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن افغانس??ان جي سرزمين ??ان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي چئلينجز خاص ڪري دهشتگردي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ افغان عبوري حڪومت تي زور ڀريو ته هو دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سمورن دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري ۽ افغان سرزمين کي پنهنجي پاڙيسرين، خطي ۽ ان کان ٻاهر استعمال ٿيڻ کان روڪي. اجلاس ۾ افغانس??ان سان رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڀريو ويو ۽ افغانس??ان جي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ ??ن جي مختلف چئلينجز کي جامع انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي ڪوششن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ چئني ملڪن وچ ۾ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي پڻ زور ڀريو ويو.