اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي 94هين قومي ڏينهن جي ??وق??ي تي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد ۽ و??ير??عظم شهزاده محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي سعودي عرب سان تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي فخر آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ۾ و??ير??عظم چيو ته خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود، ولي عهد ۽ و??ير??عظم محمد بن سلمان سان گڏوگڏ سعودي عرب جي ڀائر عوام کي سعودي عرب جي 94هين قومي ڏينهن جي خوشي جي ??وق??ي تي دل سان مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان کي سعودي عرب سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي فخر آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، اسان سعودي عرب جي عظيم قيادت جي ويزن تحت مثالي ترقي ۽ مسلمان امت ۽ دنيا ۾ اتحاد، امن ۽ هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ ان جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. الله رب العزت اسان جي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن تي پنهنجون لامحدود رحمتو?? نازل فرمائي.