اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ان موقعي تي اسپيڪر وچ اوڀر ۾ بگڙجندڙ صورتحا?? تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو ته وچ اوڀر ۾ فوري جنگبندي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان مصر سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا مذهب ۽ گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط رشتن تي ٻَڌل آهن. ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسپيڪر چيو ته ٻه طر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پارلياماني سفارتڪاري انتهائي اهميت جوڳي آهي. ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني رابطا ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اسپيڪر چيو ته پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي ميمبرن کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا موقعا فراهم ٿيندا. اسپيڪر پنهنجي مصري هم منصب کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. مصر جي سفير اسپيڪر جي ٻطر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهاري ڪرڻ واري تجويز سان اتفاق ڪندي چيو ته پارلياماني رابطن ۾ واڌ ٻطر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.