نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي کي پنهنجي اهم خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۾ اضافي ج?? معاملو اٿاريندي چيو آهي ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي، م??جدن تي حملن، م??لمانن بابت منفي دقيانوسي تصورن ۽ انهن ??ي خلاف امتيازي سلوڪ ۽ تشدد جي ڪاررواين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان ۾ اضافوٿي رهيو آهي. پنهن??ي خطاب ۾ هن چيو ته هڪ پريشان ڪندڙ عالمي مسئلو اسلامو فوبيا ۾ اضافو آهي ج??ڪو هاڻي قرآن پاڪ جي بي حرمتي، م??جدن تي حملن، م??لمانن بابت منفي دقيانوسي تصورن ۽ ان ??ي خلاف امتيازي سلوڪ ۽ تشدد جي ڪاررواين مان ظاهر ٿئي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا جو سڀ کان خطرناڪ اظهار ڀارت ۾ هندو بالادستي ج?? ايجنڊا آهي، اها جارحاڻي انداز ۾ 200 ملين مسلمانن کي محڪوم بڻائڻ ۽ ڀارت جي اسلامي ورثي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ او آءِ سي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل ۽ ان ??ي خصوصي ايلچي سان گڏجي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪندا.