لنڊن -22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جلسن بدران عوام جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته انتشا??ي سياست رد ڪري عوام معاشي پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي، گارگند، انتشار ۽ فساد سان نه ئي معيشت بهتر ٿيندي ۽ نه ئي معاشرو، هر صوبو ۽ هر ادارو عوام جي مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙو اظهار هن ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪي??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم چيو ته انتشا??ي سياست کي رد ڪري عوام معاشي پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي، عوام مهانگائي ۾ گهٽتائي، ??نهنجي مسئلن جو حل ۽ معاشي بهتري چاهي ٿو، جلسن لاءِ ميدان ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران عوام جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته جلسا 2028ع ۾ ڪنداسين، هاڻي عوام سان ڪي?? واعدا پورا ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ جو وقت آهي، ??عاشي بحالي سياسي ??ستحڪام سان ڳنڍيل آهي، سياسي ??نتشار جو مطلب عوام کي رليف ڏيڻ جي عمل کي متاثر ڪرڻ آهي. هن چيو ته عوام سياسي ??ستحڪام ۾ ڪردار ادا ڪري، ??عاشي ترقي جي حمايت ڪئي آهي، سياسي ??ستحڪام لاءِ قوم جو اتحاد پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل ۽ مهانگائي کان نجات جي ضمانت ثابت ٿيندو. هن چيو ته معاشي چئلينجز، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي قوم، سياسي پارٽيون، ادارا ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. سياسي ??فراتفري ۾ قوم ۽ ملڪ جو ڪيترو ئي وقت ضايع ٿي چڪو آهي، ??ڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ناهي، ??ن چيو ته وفاق سڀني صوبن سان گڏجي عوامي مسئلن جي حل، مهانگائي ۾ گهٽتائي، ??ساوي ترقي لاءِ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي پاليسي ??ي ڪاربند رهندو. الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته مهانگائي سنگل ڊجٽ ۾ واپس آئي آهي، ??عاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. روانگي واپار ۾ اضافو، روپئي جو مستحڪم ٿيڻ، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو، وياج جي شرح گهٽجڻ. اهي سڀئي معاشي ترقي جا واضح ثبوت آهن. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني جو اصل هدف اهو هجڻ گهرجي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي ۽ اها ئي اصل ڪاميابي هوندي.