اسلا?? آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس پرڏيهي وزارت اسلا?? آباد ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ معيشت ۽ واپار جي شعبن ۾ ??طر??ي تعاون جي هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر م??مد اسحاق ڊار ۽ روسي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان مرڪنٽائل ايڪسچينج ۽ سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي پاڪستان پاران پاڪستان مرڪنٽائل ايڪسچينج جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فرحان طاهر ۽ روس پاران سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي صدر ايگور آرٽيميف صحيحون ڪيون. پاڪستان عالمي ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بيلاروس – روس – قازقستان – ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي بابت مفاهمت نامي ۾ شموليت جو پڻ اعلان ڪيو. دستاويز تي پاڪستان پاران مواصلات واري سيڪريٽري علي شير م??سود صحيحون ڪيون.