اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان جو سڀ کان وڏو اثاثو باصلاحيت نوجوان آهن، پاڪس??ان ۾ راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي ، مڪس مارشل آرٽس شعبي ۾ پاڪس??ان جي حڪومت فيڊريشن سان مڪمل تعاون ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان مڪس مارشل آرٽس فيڊريشن جي عهدي??ار?? ۽ رانديگرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ صدر پاڪس??ان مڪس مارشل آرٽس فيڊريشن عمر احمد، چيمپيئنز ايمان خان، بانو بٽ، بريو ڪامبيٽ فيڊريشن ونرز رضوان علي، ضياءَ مشواڻي ۽ اسماعيل خان شامل هئا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، بدر شهباز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عمل??ار?? شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جو سڀ کان وڏو اثاثو پاڪس??ان جا باصلاحيت نوجوان آهن، انٽرنيشنل مڪس مارشل آرٽس فيڊريشن ايشيئن چيمپيئن شپ ۾ پاڪس??ان جي رانديگرن 12 ميڊل کٽي ملڪ ۽ قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو، منهنجي ڀرپور خواهش آهي ته پاڪس??ان جا رانديگر ائين ئي عالمي سطح تي مقابلن ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا رهن، توهان سڀني رانديگرن سان ملي دلي خوشي ٿي، توهان پاڪس??ان جو قيمتي سرمايو آهيو، توهان سڀني جي صلاحيتن کي ڏسي اطمينان ٿئي ٿو ته پاڪس??ان جو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته مڪس مارشل آرٽس جي شعبي ۾ پاڪس??ان جي حڪومت فيڊريشن سان مڪمل تعاون ڪندي، پاڪس??ان ۾ راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته خادم پاڪس??ان جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ پاڪس??ان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ، راندين جي مقابلن ۽ رانديگرن جي سليڪشن جي لاءِ شفافيت يقيني بڻائڻ جهڙا قدم کنيا. هن چيو ته بطور وزيراعظم آئون پنهنجو اهو فرض سمجهان ٿو ته پاڪس??ان جي رانديگرن جي عالمي مقابلن ۾ شرڪت جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪئي وڃي، مڪس مارشل آرٽس فيڊريشن پاران پاڪس??ان ۾ عالمي مقابلا منعقد ڪرڻ ساراهه جوڳو قدم آهي. ان موقعي تي وزيراعظم کي تازو ئي فيڊريشن ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي تعاون سان منعقد مڪس مارشل آرٽس جي عالمي مقابلن بابت آگاهه ڪيو ويو جن ۾ 18 ملڪن مان 300 ايٿليٽس حصو ورتو، پاڪستاني ايٿليٽس 4 سلور ميڊلز پڻ حاصل ڪيا جڏهن ته پاڪس??ان جي ٻن عورت فائٽرز گولڊ ميڊلز کٽيا. گولڊ ميڊلز کٽيندڙ رانديگرن ۾ ايمان خان ۽ بانو بٽ کانسواءِ ٻين رانديگرن وزيراعظم کي پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. وزيراعظم کي مڪس مارشل آرٽس جي شعبي جي ترقي جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. وزيراعظم لاڳاپيل عمل??ار?? کي تجويزن تي غور ڪرڻ ۽ مشاورت ڪري جلد عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.