پشاور -11سيپٽمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۽ سندس ڏاهپ اسان جي قومي تاريخ جو روشن باب آهي، اسان کي سندس فرمانن جي روشني ۾ پاڪستان کي مضبوط ?? خوشحال بڻائڻ جو عهد ڪرڻ گه??جي. باباءِ قوم جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي اصولي سياست، بي لوث قيادت ۽ مسلمانن لاءِ هڪ ڌار وطن جي جدوجهد اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، اڄ اسان کي سندن فرمان جي روشني ۾ پاڪستان کي مضبوط ?? خوشحال بڻائڻ جو عهد ڪرڻ گه??جي. هن چيو ته قائداعظم اسان کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جو درس ڏنو هو، اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان ا??هن اصولن تي هلندي وطن عزيز جي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪيون ۽ ملڪ ??ي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيون. گورنر چيو ته قائداعظم جو مشن پاڪستان کي هڪ ترقي يافته، امن پسند ?? خوشحال ملڪ بڻائڻ هو ج??هن ??ي تڪميل ت??ئي?? پهچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.