ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽ?? جي وچ ۾ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ٿي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن، امن امان ۽ سماجي ترق?? جي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم امن امان جي بحال?? جي لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن صوب?? جي وفاقي ترقياتي منصوبن جا فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائيندي چيو ته بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر ترق?? جي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ سنجيده آهيون، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت کي بلوچستان جي ترقي سان لڳاءُ ۽ عوام سان محبت آهي، صوب?? جي ترق?? جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. ملاقات ۾ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي نيڪ خواهشن ۽ صوب?? جي ترق?? جي پختي عزم تي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيندي چيو ته بلوچستان حڪومت عام ماڻهو جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته وقت کان وڌيڪ صحيح رخ جو تعين ضروري آهي، الحمدالله گورننس سان واڳيل معاملن کي ترتيبوار بهتري طرف وٺي وڃي ره??ا آهيون، صوبائي ڊيولپمينٽ پروگرام کي ع??امي ضرورتن سان هم آهنگ ڪري ره??ا آهيون ۽ صوب?? جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 75 سيڪڙو منظور ٿيل ترقياتي منصوبا بجيٽ جو حصو بڻايا و??ا آهن باقي 25 سيڪڙو منصوبن تي به تيزي سان اڳڀرائي جاري آهي. وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ گڊ گورننس جي قيام ۽ سروس ڊيليور?? جي نظام جي بهتر?? جي لاءِ ڪوششون ڪري ره??ا آهيون ۽ هر سطح تي موثر جوابدهي ۽ احتساب جي ع??ل کي فروغ ڏئي ره??ا آهيون. هن چيو ته صوبي ۾ جاري وفاقي ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل فنڊز جي وقت سر جاري ٿيڻ سان مشروط آهي ان لاءِ اسان وفاقي حڪومت کان اميد ڪريون ٿا ته اها وفاقي ترقياتي منصوبن جا فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي.