اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. هٿياربند فوج جي دستي م??مان صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. پاڪستان جي ??ن ڏينهن جي دوري تي آيل آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب ٿي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي م??ڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم شهباز شريف معزز مهمان کي پاڻ سان گڏ سلامي جي ڇپري ڏانهن وٺي ويو جتي پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوج جي دستن کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آذربائيجان جي صدر پريڊ جو معائنو ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي م??مبرن سان مهمان صدر جو تعارف ڪرايو. جڏهن ته آذربائيجان جي صدر ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان پنهنجي وفد جي م??مبرن جو تعارف ڪرايو.