اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل مفادن و??ري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي 52هين اجلاس جي ايجنڊا طئي ٿي وئي آهي. ج??ري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم طرفان ج??ڙيل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي و??ري وزير محمد اورنگ??يب?? اق??صادي معاملن و??ري وزير احد خان چيمه، قانون ۽ انصاف و??ري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله خان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن، پاور، پلاننگ، ڊولپمينٽ ۽ خصوصي قدمن، ناڻي، آبي وسيلن، پيٽروليم، انساني حقن، مذهبي معاملن، بين المذاهب هم آهنگي، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ ايڇ آر ڊي ڊويزن جا وفاقي سيڪريٽري به موجود هئا. اجلاس ۾ ايجنڊا جي ڄاڻايل آئٽمز تي غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل مفادن و??ري ڪائونسل جي ايندڙ 52هين اجلاس جي ايجنڊا به طئي ڪئي وئي.