اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ??هي ته پاڪستان گذريل سال (2023ع) ۾ جيلن ۾ قيد 485 ڀارتي شهرين کي آزاد ڪيو جن ۾ 6 سول قيدي ۽ 479 مُهاڻا شامل هئا، اسان ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن پاڪستاني قيدين جي جلد واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون جاري رکنداسين. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پهرين جولاءِ 2024ع تي 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي ف??رستن جي مٽاسٽا ڪئي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جيلن ۾ قيد 254 ڀارتي شهري قيدين ۽ مُهاڻن جي ف??رست حوالي ڪئي جڏهن ته ڀارت پنهنجي جيلن ۾ قيد 452 پاڪستاني شهري قيدين ۽ مُهاڻن جي ف??رست شيئر ڪئي. هن چيو ته پاڪستان پاران گم ٿيل 38 پاڪستاني دفاعي اهلڪارن جي ف??رست پڻ ڀارت کي ڏني وئي جن بابت خيال ??هي ته اهي 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين کان ڀارت جي تحويل ۾ آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان انهن ان??اني مسئلن کي ترجيحي طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم ??هي ۽ اسان ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن پاڪستاني قيدين جي جلد واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون جاري رکنداسين. ترجمان چيو ته انهن ڪوششن جي هڪ حصي طور 2023ع ۾ 62 ۽ 2024ع ۾ 4 پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي ٿي.