بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين لو زائو هوئي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چين پاڪستان جي منفرد ۽ پائيدار دوستي ۽ گڏيل ترقي، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏيل فائدي سان هلندڙ عملي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته سي آءِ ڊي سي اي پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۽ صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا سي آءِ ڊي سي ا?? جي چيئرمين لوزائو هوئي بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبن ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترق?? جي لاءِ سي آءِ ڊي سي ا?? جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته لوزائو هوئي توهان پاڪستان ۾ بطور سفير پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان سرانجام ڏنيون. هن چيو ته توهان نه رڳو پاڪستان ۾ چين جا سفير هئا پر توهان پاڪستان ۾ پاڪستان جا بهترين دوست پڻ هئا ۽ اهو جذبو اڃا به قائم آهي. وزيراعظم ۽ سي آءِ ڊي سي ا?? جي چيئرمين چين پاڪستان جي منفرد ۽ پائيدار دوستي ۽ گڏيل ترقي، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏيل طور تي ڪارائتي عملي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ترقي ۽ سلامت?? جي وچ ۾ گڏيل طور تي مضبوط لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوست?? جي مضبوط علامت قرار ڏيندي هن چيو ته سي پيڪ تحت سماجي اقتصادي ترقي تي گڏيل ورڪنگ گروپ جا مثبت نتيجا نڪتا آهن. هن ان اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي طرفن جي عوام جي زندگي?? ۽ ??وزگار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سي پيڪ جي فيز ٽو ۾ تعاون جي اها رفتار برقرار رهندي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جون حڪومتو?? ۽ ??وام قدرتي آفت?? ۽ ??فتن جي وقت سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. هن ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا ۽ 2022ع کانپوءِ جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ پوليو ويڪسين جي فراهمي دوران پڻ اسرندڙ ملڪ?? ۽ ??اص طور تي پاڪستان جي مدد ڪرڻ ۾ سي آءِ ڊي سي ا?? جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سي آءِ ڊي سي ا?? جي چيئرمين مختلف شعبن ۾ چين پاڪستان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن بنيادي ڍانچ?? جي ترقي، موسمياتي تبديل?? جي ردعمل ۽ انساني وسيلن جي ترقي بشمول بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آءِ) تحت جاري منصوبن ۾ ٻطرفي حصيداري کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي.