اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف موذي مرضن کان بچاءُ، آبادي جي ڀلائي ۽ صحت جي مسلئن جي خاتمي ل??ءِ هڪ جامع منصوبو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي روشن مستقبل جي ل??ءِ ٻارن جي بهترين ??اڌ??يجهه ضروري آهي، حڪومت ٻارن جي بهترين ??اڌ??يجهه جي ل??ءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي، صوبائي حڪومتن کي پروگرام جي حوالي سان مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي، موذي مرضن جي خاتمي ۽ انهن جي ڦهلاءُ کي روڪن جي ل??ءِ جامع پلان جوڙڻ ۽ آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ جي ل??ءِ پڻ هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي صدارت ۾ عالمي ماهرن جو ٻارن جي ??اڌ??يجهه ۾ گهٽتائي جي خاتمي ل??ءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ عالمي ادارن جي نمائندن ۽ ماهرن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي عالمي بئنڪ پاران پاڪستان ۾ ٻارن جي ??اڌ??يجهه جي حوالي سان انگن اکرن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي هڪ وڏي انگ کي ??اڌ??يجهه جي گهٽتائي جو خطرو آهي. سببن تي روشني وجهندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بنيادي صحت جي ناڪافي سهولتن، ضروري غذائي جزن جي کوٽ، آلوده پاڻي جو استعمال، نا??افي صفائي سٿرائي ۽ ??اڌ??يجهه جي حوالي سان آگاهي نه هجڻ ٻارن جي ??اڌ??يجهه ۾ گهٽتائي جا وڏا سبب آهن. اجلاس کي انهن سببن جي خاتمي ل??ءِ تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان کانسو??ءِ اجلاس کي ٽي بي، هيپاٽائيٽس، ذيابيطس ۽ ٻين موذي بيمارين جي حوالي سان پڻ پاڪستان جا انگ اکر پيش ڪيا ويا ۽ انهن کي روڪڻ جي ل??ءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي قومي سطح تي ان حوالي سان هڪ جامع منصوبو ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن، ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهسن ، يونيسيف ۾ پاڪستان جي نمائندي عبدالله فاضل، عالمي غذائي پروگرام جي پاڪستان ۾ نمائندي ڪوڪو اوشييامه ۽ ٻين عالمي شهرت رکندڙ ماهرن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڀٽا، ڊاڪٽر ساجد صوفي، ڊاڪٽر اعجاز نبي ۽ لاڳاپيل شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.