اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? عطاءُ الله تارڙ خضدار ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ خضدار پريس ڪلب جي صدر سينيئر صحافي محمد صديق مينگل جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪي?? آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته محمد صديق مينگل هڪ باصلاحيت صحافي هو جنهن بلوچستان ۾ صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏني??ن. ??ن چيو ته محمد صديق مينگل جي شهادت صحافي برادري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ڌماڪي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. هن چيو ته خضدار پريس ڪلب جي صدر جي مارجڻ تي صحافي برادري ۽ گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهي??ن. ??ن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ محمد صديق مينگل مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.