اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جا نالا اي سي ايل سميت ٻين فهرستن ۾ وجهڻ جا تفصيل فراهم نه ڪري مخالف ڌر غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، مخالف ڌر جي جن ميمبرن جا نالا اي سي ايل يا پي اين آءِ ايل ۾ شامل آهن جا سمورا تفصيل فراهم ڪن، سمورا تفصيل کڻي انهن کي آگاهه ڪنداسين ته انهن جا نالا ان فهرست ۾ ڇو شامل ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي ۾ عمر ايوب خان، گوهر علي خان، ملڪ محمد عامر ڊوگر ۽ محمد رياض خان پاران قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جا نالا اي سي ايل، عبوري قومي سڃاڻپ فهرست ۽ بلاڪ لسٽ مان نه ڪڍڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ايوان کي ٻڌا??و ته اي سي ايل، پي اين آءِ ايل ۽ بلاڪ لسٽ ايف آءِ اي، ??ميگريشن ۽ پاسپورٽ ڏسن ٿيون، اهي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن يا ٻئي ڪنهن بنياد تي ناهن هونديون، نه ئي ان جي ڪا درجابندي آهي ان جي لاءِ قاعدا ۽ ضابطا ٺهيل آهن. اسان ان مرحلي مان گذريا آهيون هڪ وقت هو جڏهن ان وقت جي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي باوجود کيس ايئرپورٽ تي روڪيو ويو هو. ڪو به جاچ ادارو جڏهن ڪو نالو انهن فهرستن ۾ وجهڻ جي لاءِ گذارش ڪري ٿو ته پو??ِ ئي نالو وڌو وڃي ٿو. هن ٻڌا??و ته جن ميمبرن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن انهن جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ اسان کي انهن جا نالا، ولديت ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر فراهم ڪيا وڃن، اسان آگاهه ڪري ڇڏينداسين. عمر ايوب خان جي سوال جي جواب ۾ عطاءُ الله تارڙ ٻڌا??و ته هن ايوان جو هڪ تقدس آهي، ??سان مخالف ڌر ۾ هوندي ڪڏهن ان کي سرڪس جو نالو نه ڏنو، اسان ر??ايتن جا امين آهيون. هن ايوان جي ميمبرن جو هڪ ٻئي سان تعلق آهي. جيڪڏهن ميمبر چاهين ٿا ته اي سي ايل، پي اين آءِ ايل ۽ بلاڪ لسٽ مان نالا ڪڍيا وڃن ته ميمبرن جي فهرست فراهم ڪئي وڃي. جيڪي نالا انهن فهرستن ۾ وڌا ويا آهن اهي ڪنهن نه ڪنهن قانون ۽ ضابطي تحت ئي وڌا ويا آهن. مخالف ڌر جيڪڏهن نالا ڪڍرائڻ جي حوالي سان سنجيده هجي ها ته اهي اسان کي نالا فراهم ڪن ها. اسان کي نالا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن لاڳاپيل عملدارن تائين پهچايون. پنهنجو پاڻ کي نامعلوم مان ڪڍي پنهنجي سڃاڻپ ٻڌائين، ان فهرست ۾ هڪطرفي طور تي بنا نوٽيس ڏيڻ جي نالو نٿو وڌو وڃي. گوهر علي خان جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌا??و ته پي اين آءِ ايل ۾ 1926 نالا شامل آهن، اي سي ايل ۾ 4842 نالا شامل آهن. اسان کي ميمبرن جي فهرست فراهم ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي اسٽيٽس جي حوالي سان آگاهه ڪريون. اي سي ايل جي لسٽ ۾ عهدا ناهن لکيا ويندا. ملڪ عامر ڊوگر جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ٻڌا??و ته ميمبر پاڻ ڪنهن به پارٽي سان هجي ان جو هڪ استحقاق آهي، ??سان کي ان استحقاق جو احترام آهي. اسان کي ميمبرن جي فهرست ڏني وڃي ته جيئن اسان انهن جي مدد ڪري سگهون. اسان کي اهڙي طرح هڪ هڪ ميمبر جو اسٽيٽس ٻڌائڻ ۾ آساني ٿيندي جڏهن ته مخالف ڌر کي عدالتي معاملن ۾ به آساني ٿيندي. تفصيل اچڻ تي مڪمل تعاون ڪنداسين. محمد رياض خان جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌا??و ته پاڪستان جو آئين چرپر جي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو اتي آئين تحت ٺاهيل قانون ۾ اي سي ايل کي جوڙيو وڃي ٿو. ان جا قانون آئين کان مٿانهون نه آهن، جيڪڏهن اهي آئين کان مٿانهون هجن ها ته انهن کي ختم ڪري چڪا هجون ها. مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان چ??و ته اسپيڪر آفيس صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جن جا نالا اي سي ايل، پي اين آءِ ايل يا بلاڪ لسٽ ۾ شامل آهن انهن جا تفصيل وٺي لاڳاپيل وزير کي ڏي، ??نهن جي جواب ۾ عطاءُ الله تارڙ چ??و ته مخالف ڌر ان معاملي جي حل ۾ سنجيده ئي نه آهي اها رڳو گيلري ۾ کيڏڻ چاهي ٿي، ??ادرسيءَ جي لاءِ ڪاغذي ڪارروائي جي تڪميل لازمي آهي. اسان کي نالا فراهم ڪيا وڃن، اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته هي معاملو حل ڪرڻ نه ٿا چاهين. ملڪ عامر ڊوگر چ??و ته 11 ميمبرن جون درخواستون اسپيڪر گهرو وزارت کي موڪليون جيڪي رد ٿيون. ان تي ڊپٽي اسپيڪر چ??و ته اسيمبلي آفيس مان فهرست فراهم ڪري ٿا ڇڏيون ٻڌايو وڃي ته ڪيترن ڏينهن ۾ ان حوالي سان لاڳاپيل وزير رپورٽ پيش ڪندو. جنهن تي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چ??و ته انهن 11 ماڻهن جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ ئي لکيو وڃي ها يا جدا سان ڪو ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائين ها. ڊپٽي اسپيڪر چ??و ته انهن کي فهرست فراهم ڪئي ويندي ان جي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.