اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدر ۽ ايراني قانون واري وزير امين حسين رحيمي ??لاقات ڪ??ي. جنهن ۾ سيڪيورٽي ت??اون، دهشتگرديءَ جي خاتمي، اسمگلنگ، بارڊر مئنجمينٽ، پاڪستاني زائرين لاءِ سهولتون ۽ قيدين جي مٽاسٽا سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته ايراني صدر جو دؤرو پاڪستان ٻه طرفن ناتن جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، پاڪستاني قوم ايراني صدر ۽ ان جي وفد جو پاڪستان ۾ آڌرڀاءُ ڪري ٿو. ملاقات ۾ ٻنهي ??لڪن طرفان دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. دهشتگردي ٻنهي ??لڪن جو گڏيل مسئلو آهي، ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل تي اتفاق ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گڏيل معاونت کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ انٽيليجنس ڄاڻ جي مٽاسٽا تي به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي ??لڪن وچ ۾ سيڪيورٽي معاهدي تي جلد کان جلد صحيح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ اربعين جي موقعي تي پاڪستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ايراني گهرو وزير ان سلسلي ۾ پاڪستاني هم منصب کي ايران جي دؤري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي عراقي هم منصب کي به دعوت ڏني ويندي. گهرو وزير ايران جي دؤر جي دعوت تي پنهنجي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو، ٻنهي طرفن جي قيدين جا ڏنڊ معاف ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير چيو ته اسملنگ ٻنهي ??لڪن لاءِ معاشي نقصان جو سبب آهي، اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ بارڊر مئنجمينٽ سان ٻنهي ??لڪن وچ ۾ گڏيل واپاري رابطن کي هٿي ملندي. ايراني وزير چيو ته پاڪستان بارڊر جي فينسنگ جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو آهي. گهرو وزير ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني مؤقف جي ت??ئيد تي ايراني حڪومت جو ٿورو مڃيو. ايراني هم منصب ڊاڪٽر احمد وحيدي ۽ ايراني قانون واري وزير امين حسين رحيمي ??اڪستان جي دؤري تي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازيءَ تي گهرو وزير جو ٿورو مڃيو.