ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسجدون ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مذهبي اخلاقيات سان گڏوگڏ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? سگهن ٿيون، مسجدن کي مسلمان معاشري ۾ م??ڪزي مقام حاصل آهي ۽ انهن کي ماڻهن کي بيمارين کان بچاءُ ۽ ٻين اهم ??ماجي مسئلن کان آگاهي جي لاءِ استعمال ڪر?? سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار تعليم جي فروغ ۽ صحت جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ م??جدن ۽ مدرسن جي ڪردار بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ م??هبي معاملن ۽ بين المذاهب هم ??هنگي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر انيق احمد ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اجلاس کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ناڪافي تعليمي انفراسٽرڪچر جي ڪر?? 26 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم ڏيڻ هڪ مشڪل ڪم آهي. هن وڌيڪ چيو ته نئين اسڪولن جي تعمير ۾ تمام گهڻن وسيلن سان گڏوگڏ وقت گهربل هوندو. ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽڪل اڍائي لک مسجدون انهن ٻارن کي تعليم طرف واپس آڻڻ جي لاءِ هڪ منفرد ۽ گهٽ خرچ رستو ذريعو بڻجي سگهن ٿيون. صدر چيو ته حڪومت جي ايڪسلريٽڊ لرننگ پروگرام کي شامل ڪر?? مسجدن کي تعليم جي مرڪزن طور استعمال ڪر?? سگهجي ٿو، وڌيڪ اهو ته مسجدون معاشري جي مرڪز ۾ هجڻ گهرجن جيڪي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ دنياوي ۽ ديني تعليم فراهم ڪن ٿيون. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم ??هنگي واري نگران وفاقي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته مسجدن ۾ تعليمي سرگرمين جي نگراني ڪندڙ ”پيش امام“ جي ڪردار کي وڌائي مسجدن کي وڌ کان وڌ استعمال ڪر?? سگهجي ٿو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن صدر جي ويزن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان خيال کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ پيش امامن جي صلاحيت ۾ اضافو ضروري آهي.