اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ڪالهه سومر ڏينهن ڪانسٽي ٽيوشن ايونيو ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ واڪ منعقد ڪئي جنهن جو مقصد ڀارت جي غير??ان??ني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هو. پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي قيادت ۾ پرڏيهي آفيس جي عملدارن ڪشميرين ??ان يڪجهتي جي اظهار ل??ءِ واڪ ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪري ٿو جيئن گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) ۽ اسلامي تعاون ??نظيم جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ضمانت پڻ ڏني وئي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي اچو ا??ان امن ۽ انصاف جي ل??ءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون، ا??ان سڀ گڏجي ڪشميري عوام ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي حقن ۽ پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي وڪالت ڪريون ٿا.