لاهور – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان ترقياتي ماڊل قومي اقتصادي ترقي جي لا??ِ مثبت نتيجا رکندڙ ٿي سگهي ٿو، ڪاروبار جي فروغ جي لا??ِ پنجاب حڪومت جا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي حڪومت ڪاروبار جي لا??ِ سموريون سهولتون ف??اهم ڪندي. هو بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر (بي ايف سي) ۾ واپاري برادري سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب، بزنس ڪميونٽي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر پنجاب حڪومت جو هڪ به??ر قدم آهي جتي هڪ ئي ڇت جي هيٺ سموريون سهولتون ميسر هونديون، وفاقي حڪومت ڪاروبار جي لا??ِ سموريون سهولتون ف??اهم ڪندي. هن چيو ته ڪاروباري برادري ۽ حڪومت جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن سان روزگار جي موقعن، ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي خيال کي ساراهيندي نگران وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ڪاروبار جي فروغ لا??ِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪندي ۽ ان کي سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ بلوچستان تائين وڌايو ويندو. هن وفاقي حڪومت پاران ڪاروباري شعبي جي لا??ِ ڪيترن ئي قدمن ذريعي هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو. هن ڪاروبار جي فروغ لا??ِ پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.