لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سرڪاري آفيسر عوام جي ??دمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين، ٽيم ورڪ سان اسان ڪنهن ڪم کي بهتر طور تي سرانجام ڏئي سگهون ٿا، اسان جمهوريت جي لاءِ تمام وڏي جدوجهد ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول سروسز اڪيڊمي ۾ اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام تحت تربيت مڪمل ڪندڙ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي 46 آفيسرن ۾ ايوارڊز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري ت??ري?? کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سول سروسز اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل فرحان عزيز خواجه پڻ موجود هو، تربيت مڪمل ڪندڙن ۾ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان سميت سمورن صوبن جا آفيسر شامل هئا. ت??ري?? کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ايڊمنسٽريٽو آفيسرن کي انسانيت جي ??تم ڪرڻ سيکاريو وڃي ٿو، ايڊمنسٽريٽو آفيسرن کي شيرواني ۾ ڏسي خوشي ٿي، توهان پاڻ کي منظم ڪريو ۽ خوشي جو ڪو لمحو هٿ مان نه وڃائڻ ڏيو، توهان خوش هوندا ته توهان جا خاندان به خوش هوندا. هن تربيت مڪمل ڪندڙ آفيسرن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انهن کي چيو ته اهي ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن، اڄ جو ڏينهن تربيت مڪمل ڪندڙ آفيسرن جي لاءِ هڪ عظيم ڏينهن جي ??يثيت رکي ٿو، جيڪو انهن کي سڄي زندگي ياد رهندو. صدر سرڪاري آفيسرن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي پنهنجي ??عبن ۾ عوام جي ??دمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين، عوامي ڀلائي ۽ انهن کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ عوام دوست ??ال??سيون جوڙين ته جيئن عام ماڻهو جا مسئلا فوري حل ٿي سگهن. هن آفيسرن کي مخاطب ٿي چيو ته توهان سول سرونٽس ٿيڻجي ناطي معاشري جي بهتر اصلاح ۽ ملڪ ۽ قوم جي ??رقي جي لاءِ هر وقت ڪوشش ۾ رهو ڇو ته عوام جون اميدون توهان سان واڳيل آهن. هن چيو ته سول سرونٽس ملڪي مشينري جو اهم حصو آهن جنهن کانسواءِ ملڪ اڳتي وڌي نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي معاشري جي ??قيقي معنيٰ ۾ اصلاح ممڪن آهي تنهن ڪري توهان لگن ۽ محنت سان مهذب معاشري جي ??وڙجڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريو. صدر حضور پاڪ ﷺ جي ??يرت طيبه، خلفاءِ راشين جي ??رز حڪمراني ۽ قرآني آيتن جو حوالو ڏيندي آفيسرن کي چيو ته اهي عام انسان جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن ۽ پنهنجا دورازا عوام جي لاءِ کليل رکن. هن چيو ته ٻين سان تعاون ڪرڻ کانسواءِ توهان خوش نٿا رهي سگهو، خوشي جي لاءِ هر لمحي جي ڳولا ڪريو ۽ ان جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي ??ندر نفرتون عروج تي جڏهن ته محبت جي کوٽ آهي، ننڍا ننڍا عيب ظاهر ڪيا وڃن. هن درياءَ ۽ سمنڊ جو مثال ڏيندي چيو ته درياءَ زمين کي سيراب ڪري ٿو جڏهن ته سمنڊ ۾ سڀ ڪجهه گهلي ملي وڃي ٿو. هن چيو ته سڀ کان اڳ پنهنجو پاڻ سان محبت ڪريو، ٻين بابت دل مان نفرتون ڪڍو، خاندان سان محبت جو سفر شروع ڪريو جيڪو پاڙيسرين، قوم ۽ انسانيت کان ٿيندوا الله تعاليٰ سان محبت تي وڃي ختم ٿئي. صدر چيو ته توهان جو لائيف اسٽائيل اهڙو هجي ??و ماڻهو توهان جي ويجهو اچي سگهن، پنهنجي ڊيوٽي وارن علائقن ۾ جمعي جي نماز پڙهايو يا پڙهو ان سان ماڻهن سان ملاقات ڪري فاصلا گهٽ ڪري سگهجن ٿا. انسانيت سان پيار ڪرڻ جي ??والي سان صدر علامه اقبال ۽ مولانا جلال الدين رومي جي ??ڪايت جو به ذڪر ڪيو. آخر ۾ هن ڪورس مڪمل ڪندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪورس مڪمل ڪندڙ آفيسر پنهنجي پنهنجي ??عبن ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيندا ۽ عوام کي ريليف جي فراهمي لاءِ ٺوس ۽ پائيدار ??ال??سيون جوڙيندا. ت??ري?? ۾ صدر تربيت دوران نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن ۾ شيلڊ ورهايون، بهترين اسپورٽس پرسن جو ايو??رڊ آفتاب منير ۽ عورتن ۾ ايمان ظفر، بهترين هارس رائيڊر جو ايو??رڊ ڪيپٽن رٽائرڊ فريد باديني، بهترين ڪنڊڪٽ جو ايو??رڊ سنبل جاويد جڏهن ته بهترين اڪيڊمڪ جو ايو??رڊ احسن نواز گوندل کي ڏنو ويو. نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي سلمان يوسف کي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.