جده- 06 نومبر (ا?? پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي وزير اميچائي الياهو طرفان غزه جي پتي تي ايٽمي بم ڪرائڻ جي ڌمڪي کي انتهاپسندي، نفرت انگيزي، تشدد ۽ منظم دهشتگردي تي اڪسائڻ جي متراف قرار ڏنو آهي. اسلامي سهڪار تنظيم طرفان جده ما?? جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني ع??ام خلاف روزانو جي بنياد تي اسرائيلي نسل ??شي عالمي قانون، معاهدن ۽ قراردادن جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ اسرائيل جي نسل پرستاڻي بيانن جي مذمت ڪندي چيو ويو ته او آءِ سي ان بيان کي دهشتگرد نسل پرستاڻي نظريي جي توسيع جي طور تي ڏسي ٿو. بيان ۾ عالمي برادري سان فلسطيني ع??ام جي خلاف اسرائيلي جارحيت، روزانو قتل عام ۽ نسل ??شي جي مذمت ڪرڻ ۽ روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.