اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي جارحيت کان متاثر غزه جي ماڻهن جي لاءِ امداد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب غزه جي پٽيءَ ۾ انڌاڌ??ڌ اسرائيلي جارحيت ۽ گهيراءُ جي ڏس ۾ ڳُتيل آبادي غزه ۾ اڳ کان ئي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار عوام کي ان??اني امداد جي فوري ضرورت آهي. بيان موجب غزه ۾ ٿيندڙ ان??اني الميي جي ڏس ۾ پاڪستان حڪو??ت فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي ان??اني بنيادن تي امداد غزه روانو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪو??ت فلسطيني هلال احمر سوسائٽي، گڏيل قومن جي لاڳاپيل ايجنسين، مصر حڪومت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز سان هم آهنگي ڪري ر??ي آهي ته جيئن پهچ جي طريقن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي.