لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري آجياڻي جو اهتمام ڪيو. آجياڻي ۾ برطانيا جي مخ??لف پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وڏي انگ ۽ پاڪستاني برادري جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان ??وقعي تي نگران ??زيراعظم شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا ۽ گڏيل قدرن ۽ خواهشن تي ٻڌل پائيدار پاڪ برطانيا لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي برطانيا ۾ پاڪستاني برادري جي خدمتن ک?? ساراهيو. نگران ??زيراعظم آجياڻي جي شرڪت ڪندڙن ک?? اقتصادي ۽ سياسي چئلينجن ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مخ??لف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪري رهي آهي، ان ??ان ??ائدو کڻڻ گهرجي. نگران ??زيراعظم جامع، آزاداڻي ۽ شفاف چونڊ عمل جي اهميت تي زور ڏيندي جمهوري نظرين جي لاءِ قوم جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آجياڻي واري تقريب گڏيل مفاد جي معاملن تي تعميري مڪالمي جو بهترين موقعو فراهم ڪيو. آجياڻي جي پڄاڻي تي سوال ۽ جواب جو سيشن پڻ ٿيو جنهن ۾ نگران ??زيراعظم برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا.