اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ ٺاهڻ جي لاءِ سمورون ڌيان تعليم جي فراهمي ۽ غربت جي خاتمي تي ڏيڻو پو??دو. صدر باباءِ قوم قائداع??م جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان کي قائداع??م جي ويزن موجب هڪ جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي جو عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته قائداعظم امن، برابري، قانون جي بالادستي، معاشي ۽ سماجي انصاف ۽ اقليتن جي حقن جي وڪالت ڪئي، اڄ جي ڏينهن پوري پاڪستاني قوم ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي عظيم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته ننڍي کن?? جي مسلمانن قائداع??م جي دورانديش ۽ مدبراڻي قيادت ۾ گهٽ عرصي ۾ پاڪستان حاصل ڪيو، قائداعظم ڀرپور انداز ۾ هنڌ جي مسلمانن جو ڪيس وڙهيو ۽ هڪ جدا رياست جو قيام عمل ۾ آندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحال?? جي لاءِ قائداع??م جي ٻڌايل سنهري اصولن تي عمل ڪرڻو پو??دو. هن چيو ته قائداع??م جي ويزن موجب ملڪ جي ڪمزور طبقن سميت عورتن ۽ نوجوانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ورسيءَ جي موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي درجن جي بلند?? جي پڻ دعا ڪئي.