لاهور – 11 – آگ??ٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ملازمن تي زور ڏنو آهي ته خدمتن جي فراهمي کي بهتر ۽ ملڪ ۾ گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لڳاءُ ۽ عزم سان ڪم ڪن، هن باقي دنيا سان رفتار برقرار رکڻ جي لاءِ وقت ۽ تيز فيصلا ??رڻ جي ضرورت تي زور پڻ زور ڏنو. نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 118 هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪ??رس (ايس ايم سي) ۽ 33 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪ??رس (اين ايم سي) جي ڪامياب گريجوئيٽس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسلام هڪ ڪميونٽي تي ٻڌل مذهب آهي ۽ ان غريبن جي خدمت ??رڻ ۽ انهن سان انتهائي همدرديءَ ڏيکارڻ تي زور ڏنو آهي. صدر چيو ته هڪ سرڪاري ملازم کي عوام سان رابطو رکڻ گهرجي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ??رڻ جي لاءِ انهن تائين دستياب رهڻ گهرجي، ان اصول تي اسلام جي عظيم خلفاءِ عمل ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته سماج جي ڀلائي سرڪاري ملازم جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. صدر سرڪاري ملازمن تي زور ڏنو ته اهي اڳوڻن عظيم سرڪاري ملازمن جي نقش قدم تي هلن ۽ گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ منافقت ۽ ڪرپشن جي خلاف مزاحمت جو ذريعو بڻجن. صدر چيو ته قومي ترقي جي لاءِ جديد علم سان هم آهنگ رهڻ به ضروري آهي ۽ بيوروڪريسي کي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ??رڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ??رڻ گهرجي. اين ايس پي پي ۽ اين ڊي يو جهڙن تربيتي ادارن جي ڪردار تي روشني وجهندي صدر چيو ته اهي ادارا سرڪاري ملازمن جي بهتر تربيت ڪ??ي سگهن ٿا ۽ انتظامي ۽ گورننس جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن کي لاڳاپيل مهارتن سان ليس ڪ??ي سگهن ٿا. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايس ايم سي ۽ اين ايم سي جي ڪامياب گريجوئيٽس ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.