اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته جديد ترين ملجم ڪلاس جنگي جهاز جي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت دفاع?? شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڏو قدم آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ?? وزيراعظم چيو ته ملجم پراجيڪٽ سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ نوان رستا کلندا ۽ اهو اسان جي دوستي جي پائيدار علامت ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي مالياتي ۽ صنعتي بنياد ۾ ترقي سان سامونڊي واپاري سرگرميون ڪيترائي ڀيرا وڌڻ واريون آهن ۽ ان سان سامونڊ?? شعبي ۾ توسيع جي ل??ءِ اضافي صلاحيت جي ضرورت پيدا ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو ته پاڪستان ڪراچي کان گوادر تائين سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقي ل??ءِ پرعزم آهي ته جيئن خطي ۾ مستقبل جي واپاري ۽ ٽرانزٽ شپمينٽ جي مرڪز طور پاڻ کي تيار ڪيو وڃي. هن چيو ته ملجم ڪلاس جهاز اسان جي سيڪيورٽي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.