اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيندڙ زراعت ۽ غذائي تحفظ تي قومي سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان طور تقريب ۾ شرڪت ڪندو. سيمينار ۾ ناڻي، دفاع، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق، اطلاعات ۽ نشريات وارا وزير، سمورن صوبن جا چيف سيڪريٽريز، زرعي ??اه?? ۽ اعليٰ عسڪري عملدار پڻ شرڪت ڪ??دا. گرين پاڪ??تا?? قدمن تحت سمورين ڌرين زرعي ش??بي جي پائيدار ترقي ۽ ان جي معاشي فائدن مان فائدو کڻي سگه??دا. سيمينار ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، لائيو اسٽاڪ ۽ زرعي ش??بي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. زرعي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ جديد زرعي مشينري، ٻج، ڀاڻ، مائيڪرو نيوٽريئنٽس ۽ پيسٽي سائيڊز جي استعمال تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم سيمينار کي خطاب پڻ ڪندو ۽ جديد زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي نمائش جو دورو پڻ ڪندو.