اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته نوجوانن کي مثبت ميڊيا جي ذريعن جي ضرورت آه??، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ سمورن ادارن کي بري طرح تباهه ڪيو، چار سال ملڪ ۾ نفرت جو ٻج پوکيو ويو، ريڊيو ۽ ٻيا ميڊيا جا ادارا قومي ورثو وقت جي اشد ضرورت آه??، اسڪرين ٽوئر ازم ذريعي پاڪستان جو مثبت بيانيو اجاگر ٿيندو، عوام کي سستي تفريح فراهم ڪر?? جون ڪوششون ڪري رهيا آه??ون. اهڙو اظهار هن ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ مختلف منصوبن ج?? افتتاحي تقريب ۽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب ورثي ۽ ثقافت ذريعي پاڪستان جو مثبت اميج پوري دنيا تائين پهچائڻو آه??، هن وقت پاڪستان جي نوجوان نسل کي مثبت ميڊيا ذريعن جي ضرورت آه?? ڇاڪاڻ ته گذريل حڪمرانن پنهنجي چئن سالن جي حڪومتي دور ۾ سمورن ادارن کي بري طرح نقصان رسايو ۽ انهن ئي چئن سالن ۾ ملڪ ۾ نفرت جو ٻج پوکيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن آه?? ته نوجوانن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ هجڻ گهرجي نه وري پيٽرول بم. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 18 -2017ع ۾ فلم پاليسي جو بيناد رکيو ۽ ان لاءِ بجيٽ پڻ رکيو ويو، پر بدقسمتي سان گذريل حڪومت هر اداري کي تباهه ڪيو، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان کي نيلام ڪر?? جون ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته انهن کي احساس تائين نه هو ته نيشنل براڊ ڪاسٽ جي حفاظت ڪئي ويندي آه?? نه وري ان کي نقصان پهچايو ويندو آه??. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪو به دهشتگردي جو واقعو ٿئي ٿو ته پوري دنيا ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو پر پاڪستان جي ڪلچر ٽورازم کي دنيا نٿي ڄاڻي جنهن کي اسڪرين جي سياحت ذريعي مثبت بيانو بڻائي ڏيکاريو ويندو ۽ حڪومت ورثي، ثقافت ۽ سينيما ذريعي ڪلچرل بياني کي ٻيهر بحال ڪر?? لاءِ پوري طرح قانونسازي ڪئي آه??. مريم اورنگزيب چيو ته فلم سازي ۾ استعمال ٿيل اوزارن کي گهرائڻ لاءِ ايف بي آر ذريعي ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ڏني وئي ته جيئن وڌ کان وڌ فلمون ٺهن ۽ دنيا کي پاڪستان جو سافٽ اميج ڏيکاري سگهجي. هن چيو ته ملڪي سينيما هائوسز مختلف سببن جي ڪري پيٽرول پمپس ۽ شادي هالن ۾ تبديل ٿيا ڇاڪاڻ ته فلم پروڊيسر لاءِ ممڪن نه هو ته هو ان کي وڌيڪ هلائي سگهي، پر حڪومتي پاليسين عيوض هن عيد تي 5 کان 6 فلمون رليز ٿيون ۽ ان ۾ وقت سان گڏوگڏ بهتري اچي رهي آه?? جڏهن ته ان رجحان جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ريڊيو پاڪستان ۾ عوام لاءِ پهريون ڊجيٽل سينيما بڻائي رهيا آه??ون، سينيما هائوسز جو مقصد نوجوانن کي سستي تفريح فراهم ڪر?? آه??، ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن سينيما ۽ ٿيٽرز بڻايا ويندا، جڏهن ته ايف بي آر کين ڀرپور رليف پڻ ڏيندي، هن چيو ته فلم فنانسنگ ڪائونسل بجيٽ ۾ 2 ارب روپيا رکيا آه?? هاڻي ڪا به ڊاڪيومينٽري ،شارٽ فلم يا فلم بڻائڻ چاهي ته حڪومت ان جي مدد ڪندي. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ هفتي ميوزڪ فلم پاليسي کي لانچ ڪيو پيو وڃي ۽ پوري ملڪ جي ميوزڪ هسٽري کي نيشنل ڊجيٽل آرڪائيو ذريعي محفوظ ڪيو ويندو. هن چيو ته 15 جولاءِ کان ٽينلينٽ هنٽ پروگرام شروع ڪر?? وڃي رهيا آه??ون جنهن سان ميوزڪ جي ٽيلينٽ کي پروموٽ ڪيو ويندو ۽ ان جي شروعات سنڌ کان ڪر?? وڃي رهيا آه??ون، هن چيو ته ڪلاسيڪل ميوزڪ ريسرچ سيل ۾ سمورن ماڻهن سميت شاگرد تحقيق ڪري سگهن ٿا جنهن جي ذريعي ڏورانهن علائقن جي نوجوانن جي فن جي حوصلا افزائي به ٿيندي جڏهن ته ڊجيٽل براڊ ڪاسٽنگ ٽريننگ ليب ۾ پريڪيٽل ڪم جي سهولت موجود هوندي جيڪا پهرين ڪٿي به نه هئي. هن چيو ته اهي سموريون شيون هونديون ته يونيورسٽين جا نوجوان ڪنهن جي نفرت انگيز بياني، انتشار، فتني ۾ نه اچي سگهندا، وفاقي وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ ان مقصد لاءِ ورهايا ته جيئن انهن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ هجي نه وري پيٽرول بم، ۽ ٻارن وٽ ميوزڪ نه هوندو ته نفرت ۽ گارگند هوندي. هن چيو ته محمد نواز شريف ذريعي سي پيڪ آيو ته سڀ کان حصو روڊ نيٽ ورڪ، ون بيلٽ ون روڊ ۽ ڪلچر ۽ ثقافت جو هو. هن چيو ته پي ٽي وي اڪيڊمي سان يونيورسٽي جا شاگرد ڊگري پروگرام ذريعي ايڪٽنگ ۽ پروڊڪشن ۾ ڪم ڪر?? چاهين ٿا جنهن کي سمورين يونيورسٽين لاءِ کوليو ويو آه?? جڏهن ته انفارميشن اڪيڊمي ۾ سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن جي تربيت ڪئي ويندي. وفاقي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن پاڙيسري ملڪ ۾ 100 فلمون ٺهن ٿيون ته ان ۾ هڪ يا ٻه ڪامياب ٿين ٿيون، پر هنن فلم ٺاهڻ جي عمل ۾ بند ناهي ڪيو، فلمون ٺهنديون رهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ٺهندي ٺهندي ئي بهتري ايندي، هن چيو ته مشڪل حالتن باوجود به اهڙي پروڊڪشن ٿي رهي آه?? جيڪا تمام زبردست ۽ بهتر آه??، مريم اورنگزيب چيو ته 1992ع ۾ فلم انڊسٽري کي صنعت جو درجو ڏنو ويو هو پر ان سل??لي ۾ ڪي به ضروري قاعدا ۽ ضابطه مڪمل نه ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل دور ۾ ان کي صنعت جو درجو ڏيڻ سمجهه کان مٿانهون آه??. هن چيو ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو صحافين ۽ آرٽسٽن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ متعارف ڪرايو آه??، هن چيو ته پي ٽي وي تي حملو ڪندڙن ريڊيو پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ ٽن ڏينهن تائين پنهنجي گهربل هدف تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ چاغي آرڪائيو کي ساڙيو ويو جنهن جو ڪو به بيڪ اپ ناهي، هاڻي سمورا آرڪائيو ڊجيٽل ڪر?? وڃون پيا، هن چيو ته پوري دنيا ۾ ايئرپورٽ آئوٽ سورس تي هلن ٿا، پاڙيسري ملڪن سميت هيٿرو ايئرپورٽ به آئوٽ سورس ۽ انٽرنيشنل پارٽنرشپ جي پاليسي تي هلي رهيا آه?? جڏهن ته حڪومت هڪ انچ به جڳهه وڪرو ناهي ڪئي،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي محمد نواز شريف جلد وطن واپس ايندو هاڻي ته جهڙي طرح جا فيصلا اچي رهيا آه?? ان ۾ واضح لکيو ويو آه?? ته محمد نواز شريف کان سياسي انتقام ورتو ويو هو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ جيترا به غلط ڪم ڪيا انهن جو سمورو ملبو اڳوڻي آرمي چيف تي وجهي ڇڏيو، جيتوڻيڪ اهي سموريون غلط شيون پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس ساٿين ڪيون، حڪومت ۽ فوج خلاف هڪ خاص گروه سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙي رهيو آه??، لسٻيله حادثي تي گندي مهم هلائي وئي جنهن جي سخت مذمت ڪريان ٿي، وزيراعظم جي هدايت آه?? ته اهڙين ڌرين سان سختي سان پيش اچڻ گهرجي جيڪي فوج ۽ آرمي چيف خلاف مهم جو حصو آه??.