نوابشاھه-13 جون (اي پي پي) ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن محمد ??باس بلوچ جي صدارت هيٺ سامونڊي طوفان بائپر جوائي ڪري ڊويزن جي ٽنهي ضلعن ۾ امڪاني تيز هوائن ۽ ??رس??تن کي منهن ڏيڻ لاءِڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس سندس آفيس ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ڊي آئي جي پوليس محمد يونس چانڊيو، ايڊيشنل ڪمشنر ون سڀاش چندر، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو فياض حسين راهوجو، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڪنول نظام، ڊائريڪٽر هيلٿ سروسزڊاڪٽر غلام مصطفى، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ عبدالستار راٺوڙ، ڊپٽي ڊائريڪٽر دلشاد احمد ??مراڻي شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد ??سحاق گاد ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز شاهزيب شيخ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر محمد ??باس بلوچ چيو ته موسميات کاتي پاران سامونڊي طوفان کانپوءِ ڊوي??ن ۾ ۾ تيز ??رس??تن ۽ طوفان جي اڳ??ٿي ڪئي وئي آهي انهي لاءِ ٽنهي ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر امڪاني ??رس??تن کي منهن ڏيڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻن جڏهن ته پنهنجي ضلعن جي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ عملي جون موڪلون رد ڪندي کين هيڊ ڪوارٽر ۾ رهڻ جو پابند بڻائين هن کين اها پڻ هدايت ڪئي ته هو ضلع ۽ تعلقي سطح تي ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ سميت گهربل مشينري کي فعال بڻائين جڏهن ته ضلع جي ننڍن وڏن شهرن مان فوري طور تي بل بورڊ هٽائڻ، پمپنگ مشينن کي چالو حالت ۾ رکڻ، ڊرينيج نالن جي صفائي ۽ زبون جائين کي خالي ڪرائڻ لاءِ پڻ قدم کڻن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته امڪاني ??رس??تن جي پيش نظر ڪمشنر آفيس ۽ ٽنهي ضلعن جي ڊي سي آفيسن ۾ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا ڪمشنر ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز کي هدايت ڪئي ته قومي شاهراه تي قائم دولتپور اسپتال سميت ٽنهي ضلعن جي صحت مرڪ??ن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جئين ڪنهن به ايمرجنسي کي فوري طو?? منهن ڏئي سگهجي ڪمشنر لوڪل گورنمينٽ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سمورن ٽائون آفيسرن ۽ يوسي سڪيريٽرين کي پابند بڻائين ته ??رس??ت کانپوءِ پاڻي جي نيڪال لاءِ قدم کڻن اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي آئي جي پوليس محمد يونس چانڊيو چيو ته امڪاني ??رس??تن جي پيش نظر ٽنهي ضلعن جي ايس ايس پيز کي ضلع انتظاميه سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيو ويون آهن اجلاس ۾ ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن پاران سامونڊي طوفان کانپوءِ امڪاني ??رس??تن کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي ڏني وئي.