ڪوئيٽا – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف ع??وي چيو آهي ته ب??وچ??تان ۾ 19 سالن کانپوءِ قومي رانديون منعقد ٿيڻ خوش آئنده قدم آهي جيڪو ان ڳالهه جي دليل آهي ته ب??وچ??تان هڪ پرامن صوبو آهي جتي صحتمنداڻي سرگرمين جو منعقد ٿيڻ ممڪن آهي، منظم انداز ۾ قومي سطح تي انهن راندين جي منعقد ٿيڻ تي منتظمين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ب??وچ??تان جو گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ، راندين ۽ ثقافت وارو صوبائي وزير عبدالخالق هزاره، چيف سيڪريٽري ب??وچ??تان عبدالعزيز عقيلي پڻ موجود هئا. صدر ڊاڪٽر ع??رف ع??وي چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي ذاتي پئسن سان 1948ع ۾ جيڪا ٽرافي خريد ڪئي هئي اها اڄ به ب??وچ??تان ۾ موجود آهي ۽ قائداعظم جي ب??وچ??تان ۽ راندين سان محبت جو مظهر آهي. قائداعظم محمد علي جناح ۽ محترمه فاطمه جناح نوجوانن جي مثبت رخ ۾ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندا هئا ۽ اڄ به اسان کي انهن عظيم شخصيتن جي رستي تي گامزن رهڻ جي ضرورت آهي. ڪوئيٽا ۾ نيشنل گيمز منعقد ڪرڻ سان پوري دنيا تي واضح ٿيو ته ب??وچ??تان هڪ پرامن ۽ محفوظ صوبو آهي، موجوده ۽ اڳوڻي حڪومتن ب??وچ??تان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون جيڪي ڪارائتيون ثابت ٿيون، هي صوبو بنا ڪنهن شڪ جي زرخيز ۽ معدني دولت سان مالامال خطو آهي جيڪو پوري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. صدر ع??رف ع??وي چيو ته ب??وچ??تان ۽ پاڪستان جي نئين سر تعمير توهان نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، اڄ جي محنت سڀاڻي جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن موجب ترقي جا هدف اتحاد جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اهو واضح آهي ته ڪا به طاقت ب??وچ??تان ۽ پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کان نه ٿي روڪي سگهي. صدر سمورن رانديگرن، منتظمين ۽ پوليس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته بهترين ۽ منظم انداز ۾ قومي سطح جون رانديون منعقد ڪرڻ هڪ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر ع??رف ع??وي ڪامياب ٽيمن سان گڏوگڏ ب??وچ??تان جي راندين ۽ ثقافت واري وزير عبدالخالق هزاره، چيف سيڪريٽري ب??وچ??تان عبدالعزيز عقيلي، سيڪريٽري اسپورٽس محمد اسحاق جمالي، ب??وچ??تان پوليس جي نمائندي کي شيلڊ پيش ڪئي. تقريب ۾ بلوچي چاپ سميت رنگارنگ پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا.