اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي ??عليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب متحده قومي موومينٽ جي وفد ۾ ڪنوينر خالد مقبول صديقي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير امين الحق شامل هئا. ملاقات ۾ وفاقي وزير سردار اياز صاد?? پڻ شريڪ ٿيو. ملاقات ۾ متحده جي ميمبرن وزيراعظم کي قومي اسيمبلي ۾ سپر??م ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جي منظوري تي مبارڪباد ڏني. وفد وزيراعظم کي آدمشماري جي ??والي سان پنهنجي ??دشن ۽ ڪراچي جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم متحده جي ??مورن خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي مسئلن جي ??ل جي فوري هدايت ڪئي.