اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف نائجيريا جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي بولا احمد تينوبو کي مبارڪباد ڏني ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن، جيڪي خاص طور تي دفاع، واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چونڊيل صدر جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.