اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سي پي?? تحت چين پاران پاڪستان ۾ اٽڪل 62 ارب ڊالر جي متوقع سيڙپڪاري کي ساراهيندي واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي بي پناهه امڪانن جي ڏس ۾ اميد ظاهر ڪئي ته ٻطرفو واپار جنهن جو ڪاٿو 27.8 بلين ڊالر آهي مستقبل ۾ خاطرخواهه اضافو ڪري سگهجي ٿو ۽ واپار جو توازن گڏيل طور تي فائديمند ٿيندو. صدر اها ڳالهه پاڪستان ۾ چين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته سي پي?? تحت 19 منصوبا مڪمل ڪيا ويا، 28 تعمير هيٺ جڏهن ته 41 پائيپ لائين ۾ آهن، سي پي?? بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو هڪ انقلابي فليگ شپ منصوبو آهي، جيڪو علائقائي امن ۽ رابطاڪاري جي محور طور تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن وڌ??ڪ چيو ته گوادر پورٽ، توانائي جا منصوبا، ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي ترقي سميت صنعتي تعاون جي تيزي سان مڪمل ٿيڻ سان ملڪ جي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقف ۾ تبديلي ايندي. صدر چيو ته عالمي سطح تي تبديلين سان گڏوگڏ سي پي?? تي اڳڀرائي کي وڌ??ڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، زراعت جي فروغ لاءِ سي پي?? جي ٻئي مرحلي تي تيزي سان عمل ڪيو وڃي. صدر چيو ته جنوري 2020ع ۾ چين پاڪستان آزادي واپاري معاهدي تي صحيحن واپار کي وڌ??ڪ آزاد ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ واپاري ڪاٿي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن وڌ??ڪ چيو ته 2021ع جي پهرين 11 مهينن جي انگن اکرن موجب ٻطرفو واپار 27.8 بلين ڊالر جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي جيڪو 2020ع جي انهي مدي جي مقابلي ۾ 60 سيڪڙو وڌ??ڪ آهي. اهڙي طرح پاڪستان جي 3.6 بلين ڊالر جي روانگي واپار ۾ به سال به سال 68 سيڪڙي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ وسيع تعاون تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چين جي عوام ۽ صدر شي جن پنگ جا پاڪستان جي دل کولي مالي معاونت فراهم ڪرڻ تي دل سان ٿورا مڃيا جنهن سان ملڪ کي درپيش مالي صورتحال کي موثر طريقي سان من??ن ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. هن چيو ته ايوان صدر کي ملندڙ چيني گرانٽ جو استعمال هڪ ڊيجيٽل آئوٽ ريچ پليٽ فارم ٺاهڻ جي لاءِ ڪيو ويندو ته جيئن ذهني دٻاءُ يا دماغي صحت جي مسئلن کي من??ن ڏيندڙ ماڻهن کي مدد فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته خاتون اول پنهنجي برطانيا جي ايندڙ دوري دوران برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني نفسيات ۽ دماغي مرضن جي ماهرن جي فعال شموليت حاصل ڪندي ته جيئن ذهني صحت جي مسئلن کي من??ن ڏيندڙ ماڻهن کي آن لائين رهنمائي ۽ مشورا فراهم ڪري سگهجن. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي چيني سفارتڪاري جي بهترين روايتن موجب وقار سان چين جي نمائندگي ڪرڻ تي ساراهيو ۽ ان جي مستقبل جي پيشيواراڻي ذميوارين جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.