اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان جي و??تي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻ??له?? ڪئي جنهن ۾ هن گذريل ڏينهن ڪابل ۾ پرڏيهي وزارت جي ٻاهر ٿي??دڙ دهشتگردي جي بزدلاڻي حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي ڪارروائي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي ??ي لاءِ گڏيل خطرو آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سان مڪمل يڪجهتي کي ورجائيندي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ افغانستان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو.