اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اسلامو فوبيا ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ايڪشن پلان ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اهڙن خيالن جو ??ظه??ر مراڪش جي شهر فينز ۾ گڏيل قو??ن جي تهذيبن بابت اتحاد جي نائين عالمي فورم کي ??طاب ڪندي ڪيو جنهن ??ي ميزباني مراڪش جي شاهه ڪئي. مملڪتي وزير سڄي دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت، امتيازي سلوڪ، اسلامو فوبيا ۽ تشدد جي وڌندڙ مسئلي بابت پاڪستان ??ي موقف ۽ خدشن کي واضح ڪيو. هن پرامن گڏيل بقاءَ، گڏيل افهام تفهيم ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ۽ مضبوط بين المذهبي، بين التهذيبي ۽ بين المذاهب مڪالمي جي اهميت کي ??جاگر ڪيو. حنا رباني کر خاص طور تي مسلمانن ۽ اسلام جي خلاف رياستي امتيازي سلوڪ، دشمني ۽ فوبيا طرف ڌيان ڇڪرايو ۽ اهڙي قسم جي ڪڌي ڪ??ن جي لاءِ ڇوٽ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ماحول طرف ڌيان ڇڪرايو. هن زور ڏنو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومون اسلامو فوبيا ۽ مسلم مخالف نفرت جي ڪڌي رجحانن کي ??امعنيٰ طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ايڪشن پلان جوڙين. گڏيل قو??ن جي تهذيبن جو اتحاد نائين اليون کانپوءِ 2005ع ۾ مسلم دنيا ۽ اولهه جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ جي جواب ۾ جوڙيو ويو هو. ان جي بنيادي مقصدن مان هڪ سمورين ثقافتن، روايتن ۽ مذهبي عقيدن جي لاءِ گڏيل احترام کي ??ڳتي وڌائڻ آهي. نائون فورم ”ا??ن جي اتحاد طرف: هڪ انسانيت جي طور گڏ رهڻ“ ??ي مرڪزي موضوع تحت منعقد ڪيو ويو. يو اين اي او سي گروپ آف فرينڊز ??ي ميمبر طور پاڪستان اتحاد ??ي مينڊيٽ کي ??ڳتي وڌائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.