اسلام آباد – 31 – آ??ٽو??ر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سومر ڏينهن وڏي آبادگار پ??ڪيج جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زراعت ۽ آبادگارن جي روزگار جي بحالي لاءِ خصوصي پئڪيج تيار ڪرايو. وزيراعظم جي هدايت تي فوڊ سيڪيورٽي ۽ ناڻي و??ري وزارت جي مشاورت سان آبادگار پ??ڪيج تيار ڪي?? ويو. آبادگارن جي لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي مفت فراهمي جو وڏو پروگرام به شروع ڪرڻ جو اعلان ٿيندو. ڀاڻ (ڊي اي پي) جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ يوريا جي وڏي مقدار ۾ ملڪ ۾ دستيابي جي قدمن جو اعلان به پئڪيج ۾ شامل آهي. ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي سان هلائڻ جي وڏي پروگرام جي شروعات، بجلي جي بلن ۾ قسطون به پئڪيج جو حصو آهن.