رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيشت کي درپيش چئلينجز ۽ حل ??اب?? گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي، پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، سعودي عرب ۽ عالمي دنيا کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي، اسان صحت ۽ تعليم ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي لا??ِ قدم کنيا، نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ جو هي فورم وڏي اهميت رکندڙ آهي، مستقبل جي حوالي سان سعودي قيادت جو ويزن ساراهه جوڳو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ولي عهد محمد بن سلمان نه رڳو سعودي عرب پر ٻين ملڪن جي مستقبل جي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ متحرڪ آهي، اسان کي بهتر مستقبل جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان وٽ ذريعا ۽ ٽيڪنالاجي موجود آهي، ان جا سڀ کان وڌيڪ اثر انسانيت تي پوندا، هن وقت ٽيڪنالاجي تي حقيقي منتقلي جو وقت آهي، ان موقعي مان فائدو کڻندي اسان سماجي، معاشي، موسمياتي تبديليون آڻي سگهون ٿا، قدمن ۽ انوويشن جي ذريعي ان تبديلي کي پڄاڻي تائين پهچائي سگهجي ٿو، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستاني پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪاميابي جي لا??ِ ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عالمي معيشت کي درپيش چئلينجز ۽ حل ??اب?? گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي، معيشت جي بهتري لا??ِ اي ڪامرس جو فروغ لا??مي آهي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي لا??ِ عورتن جو ب??اختيار هجڻ ضروري آهي، معيشت جي بهتري لا??ِ عورتن کي مردن سان گڏ ڪم ڪرڻو پوندو، اسان صحت ۽ تعليم ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي لا??ِ قدم کنيا، اسان شاگردن کي تعليم طرف راغب ڪرڻ جي لا??ِ وظيفا ڏنا، آبادگارن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لا??ِ وقت سر ادائيگيون يقيني بڻايون، مستحق نوجوانن ۾ لکين ليپ ٽاپ مفت ورهايا، لاهور ۾ هائي ٽيڪ سيف سٽي قائم ڪيو، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي فروغ لا??ِ سمارٽ اسڪول قائم ڪيا، پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوان طبقي تي ٻڌل آهي، اهي نوجوان ٽيڪنالاجي جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان فري لانسنگ جي حوالي سان چوٿون وڏو ملڪ آهي، پاڪستان جي شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪري ٿي، سڀني جي لا??ِ صحت جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، اسان جي حڪومت نوجوانن کي انوويشن جي لا??ِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي اڄ جي دور جو وڏو چئلينج آهي، ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، ٻوڏ جي ڪري بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وڏو نقصان ٿيو، موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن جي عالمي سطح تي مدد ڪرڻي پوندي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک متاثر جڏهن ته 1700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، ٻوڏ سان پاڪستان ۾ لکين گهر تباهه ٿيا، ٻوڏ سٽيلن جي مدد لا??ِ سعودي عرب سميت ڀائر ملڪن جي امداد تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان پنجاب ۾ شمسي توانائي جو منصوبو متعارف ڪرائي چڪا آهيون، شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي حاصل ڪرڻ جي لا??ِ پراميد آهيون، حڪومت نجي شعبي جي حوصلا افزائي جي لا??ِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ شمسي توانائي حاصل ڪرڻ جي وسيع صلاحيت موجود آهي، اسان شمسي ۽ هوا جي ذريعي توانائي حاصل ڪرڻ جي لا??ِ پراميد آهيون، سعودي عرب ۽ عالمي دنيا کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده دور جي ڪلين انرجي انتهائي اهم آهي، اسان بهاولپور ۾ هڪ هزار ميگاواٽ جي پيداواري صلاحيت وارو سولر پارڪ قائم ڪيو، اسان تيل ۽ گئس درآمد ڪريون ٿا، سڄي دنيا ۾ ان جون قيمتون بلند ترين سطح تي وڃي رهيون آهن، پاڪستان جي معيشت اسرندڙ ملڪ هجڻ جي حيثيت سان وڏو درآمدي بل برداشت نه ٿي ڪري سگهي، اسان ريلوي، بندرگاهن سميت ٻيا بنيادي ڍانچا بهتر بڻائي رهيا آهيون، اسان نجي ڪاروباري ادارن جي معيشت ۾ شموليت کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ هايئر ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز آهن، انهن مان ڪنهن هڪ يونيورسٽي ۾ سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪري سگهجي ٿو جنهن جي ذريعي پاڪستان ۾ مارڪيٽ جي ضرورت موجب اسان جي نوجوانن جي انوويشن جي صلاحيتن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو.