مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي 75 هين يوم تاسيس جي ڊ??ئم??ڊ جوبلي جي موقعي تي پاڪ فوج پاران آ??اد ڪشمير ۾ ڏينهن جي شروعات تي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، ان موقعي تي فوجي ۽ سول عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڪمشنر مظفرآباد مسعود الرحمان چيو ته اسان يوم تاسيس جي موقعي تي پاڪستان حڪومت پاران 21 توپن جي سلامي جي منظوري تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته اڳتي به هر سال يوم تاسيس جي موقعي تي توپن جي سلامي ڏني ويندي، 21 توپن جي سلامي اسان جي ل??ءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. ان موقعي تي آزاديج ي تحريڪ ۽ پاڪستان جي سلامتي جي ل??ءِ نعرا پڻ هنيا ويا.