اسلام آب??د ?? 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي سان جاپان لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير رضا بشير تارڙ ايوان ??در ۾ ملاقات ڪئي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ موجوده ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جاپان ۽ پاڪستان جي ٻط??فن لاڳاپن ۾ اقتصادي، ڪاروباري لاڳاپن ۽ انساني وسيلن جي ترقي اتي ڌيان ڏيڻو پوندو. ??در فيٽف ۾ جاپان جي پاڪستان جي لاءِ مسلسل حمايت کي ساراهيندي چيو ته نامزد سفير پاڪستان جي واجب الادا قرضن جي ادائيگي معطل ڪرڻ جي لاءِ فيصلي تي جاپان جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته بنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 2.56 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. ??در پاڪستان سان جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) جي ترقياتي تعاون کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته نامزد سفير ٻط??فن لاڳاپن کي تعاون جي نئين ۽ اعليٰ سطحي تي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جاپان ۾ آءِ ٽي، انساني وسيلن، آن لائين خدمتن جي فراهمي ۽ جاپاني تعليمي ادارن ۽ صنعت سان تعاون جي لاءِ نوان رستا ڳوليا وڃن. ??در چيو ته جاپان پاڪستان جي ترقي لاءِ اڻٿڪ تعاون ڪيو آهي، تاريخ ۾ مجموعي طور تي اٽڪل 13 ارب ڊالر جي امداد سان جاپان جو ٻيو وڏو حصيدار آهي. هن پاڪستاني مصنوعات کي جاپاني منڊين ۾ ڊيوٽي فري پهچ ڏيڻ، ٽيرف گهٽ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.