اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) برطانوي هيٺئين ايوان جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر ۽ ليبر پارٽي جي ??ينيئر اڳواڻ انجيلا رائيز چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي تيزي سان دنيا کي متاثر ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان ان جو پهريون شڪار بڻجي ويو آهي، برطانيا خوفناڪ ٻوڏ کان متاثر پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي ۽ هو متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب حل ڪيو وڃي، ليبر پارٽي جو سدائين کان اهو موقف رهيو آهي ته ان پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ??رورت آهي، ٻوڏ کان متاثر سنڌ جي ??ادو ۽ سيوهڻ جي ??لائقن جو دورو ڪيو آهي، هن ماڻهن جي ملڪيتن کي ٿيندڙ نقصانن جو اکين ڏٺو حال ڏٺو آهي، اهو ناقابل برداشت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ ملڪيتن جي ??باهي جي ڏس ۾ دنيا کي ان مسئلي جو هڪ پائيدار حل ڳولڻ جي ??رورت آهي. انجيلا رائيز جنهن برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر واجد خان سان گڏ سان ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو، چيو ته مستقبل ۾ اهڙي ماحولياتي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ڀرپور ??وششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي تيزي سان دنيا کي متاثر ڪرير هي آهي ۽ پاڪستان ان جو پهريون شڪار بڻجي ويو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور ??وششن ۽ تعاون جي ??رورت آهي. هن چيو ت?? برطانيا ايندڙ مهيني مصر ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 اجلاس ۾ ان مسئلي کي اٿاريندو ۽ عالمي برادري تي زور ??يندو ته هو ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پائيدار حل ڳولي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين علائقن کي پائيدار ۽ منظم طريقي سان وڌيڪ مدد ملندي جنهن ماحولياتي تبديلي جي ??باهي کي منهن ڏنو آهي. برطانوي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر چيو ته دنيا کي ماحولياتي تبديلي جي ??ثرن کان ماڻهن جي مستقبل جي ??فاظت ڪرڻي پوندي ڇو ته اهو انسانيت کي تباهه ڪن طور متاثر ڪري رهيو آهي. انجيلا رائيز پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي ??وري جو ذڪر ڪندي چيو ته ماڻهن کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري سنگين بحران کي برداشت ڪرڻو پيو آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان جاني ۽ مالي ۽ بيٺل فصل کي نقصانن کانسواءِ لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. هن چيو ت?? برطانوي حڪومت اڳ ۾ئي پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ 16.5 ملين پائونڊ عطيو ڪري چڪي آهي، برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين فوري طور تي امدادي ڪوششن جي ??والي سان ناقابل يقين ڪردار ادا ڪيو، فنڊ ريزرز ۽ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امداد جمع ڪئي وئي آهي، برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ناقابل يقين حد تائين فراخدل آهن، ايستائين جو منهنجي پنهنجي ??ڪ ۾ به ٻوڏ متاثرين جي ??مدادي سرگرمين ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو جاري آهي. برطانيا جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر ڪشميرين جي ??ودمختياري جي ??ق جي ڀرپور حمايت ڪندي چيو ته ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ت?? برطانيا جي ل??بر پارٽي جو سدائين کان اهو موقف رهيو آهي ته ان پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ??رورت آهي، ڀارت انساني حقن جو احترام ڪري، ڪشميري عوام ڊگهي عرصي کان مصيبتن جو شڪار آهي، ڪشمير مسئلو 70 سالن کان وڌيڪ عرصي کان حل طلب آهي ۽ اهو هڪ ڊگهو مدو آهي. هن چيو ت?? برطانيا ڪشمير مسئلي جي پرامن حل جو خواهشمند آهي ۽ عالمي برادري کي به ان مسئلي جي ??ل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انجيلا رائيز چيو ته ڀارت کي گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، ڀارت ۽ پاڪستان کي ان تڪرار کي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾و اپاري لاڳاپا وڌي رهيا آهن، واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي برطانوي پارليامينٽ جي مٿئين ايوان جي ميمبر لارڊ واجد خان چيو ته خوفناڪ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، برطانوي حڪومت، عوام ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻوڏ متاثرين جي ??يڪا به مدد ڪري سگهن ٿا اهي ڪندا. هن چيو ت?? برطانيا جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر انجيلا رائيز سان گڏ ٻوڏ کان متاثر سنڌ جي ??ادو ۽ سيوهڻ جي ??لائقن جو دورو ڪيو آهي، هن ماڻهن جي ملڪيتن کي ٿيندڙ نقصانن جو اکين ڏٺو حال ڏٺو آهي، اهو ناقابل برداشت آهي. هن چيو ت?? برطانيا جي ميڊيا ۽ عالمي برادري کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان ۽ فصلن جي ??باهي بابت آگاهه ڪنداسين. لارڊ واجد خان چيو ته ماحولياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو ڪردار تمام گهٽ آهي پر پاڪستان ان کان شديد متاثر ٿيو آهي، ماحولياتي مسئلن جي ??ل لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن جي ??رورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ به حصو وٺي رهيا آهيون ته جيئن متاثرين جي مدد جاري رکي سگهجي.