اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان گڏيل مفاد جي ??مورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي ??فير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ڪالهه جمعي ڏي??هن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم يو اي اي سان پاڪستان جي ڀائراڻن لاڳاپن جي ??هميت جو ذڪر ڪن??ي گڏيل عرب امارات جي ڀائر عوام جي ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿ??ند?? تباهي ۽ سنگين صورتحال کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي قدمن تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم گڏيل عرب امارات پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراهم ڪئي و??ند?? امداد ۽ ان حوالي سان فضائي لنگهه قائم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان گڏيل مفاد جي ??مورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا گذريل 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل قدرن ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.