اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد دنيا ??ي اهو باور ڪرائڻ هو ته جيڪا موسمياتي ??فت دنيا ??ي درپيش آهي جيڪڏهن ان جي خاتمي ل??ءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جون تباهيون پاڪستان تائين محدود نه رهنديون، دنيا تي واضح ڪيو ته پاڪستان ڀارت سان پرامن ۽ سٺن پاڙيسري ل??ڳاپن جو خواهشمند آهي ان لاءِ ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم واپس وٺي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ منهنجي خطاب جو خلاصو اهو هو ته دنيا خبردار رهي ته انس??ني?? کي ڪهڙا خطرا درپيش آهن، پاڪستان اڄڪلهه جنهن موسمياتي ??فت کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪڏهن فوري طور تي ??ن جي خاتمي ل??ءِ قدم نه کنيا ويا ته اهو سلسلو پاڪستان تائين ئي محدود نه رهندو پر اهو انس??ني?? جي ل??ءِ همدر??ي ۽ ڳڻتي ??و پهلو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي جي ل??ءِ درپيش اهم مسئلن تي پاڪستان جو موقف بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ مون دنيا تي واضح ڪيو ته پاڪستان ڀارت سان پرامن ۽ سٺن پاڙيسري ل??ڳاپن جو خواهشمند آهي ان جي ل??ءِ ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قدم ۽ ان کانپوءِ آبادي جي تناسب جي تبديلي سميت ٻيا ??نيل قدم روڪڻا پوندا.